جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس تي فيصلو ڪجھ دير لاءِ محفوظ

0
261

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته ڪجهه دير ۾ آگاهه ڪيو ويندو ته فيصلو ڪڏهن ٻڌائينداسين، ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سيرينا عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منيب اختر جون ڪٽنب سوڌو ملڪيتون عوام آڏو پڌريون ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سپريم سيرينا عيسي چيو ته جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منيب اختر احتساب ۾ گهڻي دلچسپي رکن ٿا، ٻئي جج ڪٽنب سوڌو پنهنجون ملڪيتون عوام آڏو پڌريون ڪن، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميڊيم! پليز توهان خاموش رهو..