وقتائتا ۽ درست فيصلا ڪرڻ جي ضرورت

0
277
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ هڪڙو خوف آهي،هڪڙي ڳڻتي آهي پر انهي خوف ۽ انهي ڳڻتي مان نڪرڻ يا ان کي خطرناڪ بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ نه عوام پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر ٿو اچي نه حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي،ٻئي طرف ذخيره اندوز آهن جيڪي انهي صورتحال مان وري فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.ڪورونا جي پهرين لهر ۾ به ايئن ئي ٿيو هو جڏهن تازو تازو ڪورونا جا ڪيس وڌڻ شروع ٿيا هئا ته ماسڪ کان وٺي سينيٽائيزر جون قيمتون ٽيڻ کان چئوڻ تي وڌي ويون هيون ۽ حڪومت به قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي هئي ۽ عوام جي مجبوري جو فائدو وٺي اهي ذخيره اندوز ڪروڙين رپين جو منافعو ڪمائي رهيا هئا.هن وقت به ڪجهه اهڙي صورتحال ٿيڻ وڃي رهي آهي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا جي تباهڪارين کي ڏسي هتي به آڪسيجن سئلينڊرن جا اگهه وڌي ويا آهن توڙي جو آڪسيجن جي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جو چوڻ آهي ته آڪسيجن جي کوٽ ناهي پر سئلينڊرن جو بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي .
اسان جي وفاقي حڪومت خبر ناهي ڇو هر ڀيري بحران ٽارڻ کان اڳ قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي هوندي جڏهن بحران وڌي ويندو آهي ته پوءِ تڪڙ ۾ فيصلا ڪيا ويندا آهن، جن جو اهو نتيجو ناهي ملي سگهندو جن جي توقع ڪئي ويندي آهي. ڪورونا جي پهرين لهر ۾ جڏهن سڄي دنيا لاڪڊائون طرف وڃي رهي هئي ته وفاقي حڪومت لاڪڊائون ڪرڻ کان انڪاري هئي پوءِ جڏهن سنڌ حڪومت لاڪڊائون جو پاڻمرادو فيصلو ڪيو ته ٻين صوبن به ان جي پوئيواري ڪئي ۽ آخر ۾ مجبوري ۾ وفاقي حڪومت به انهي فيصلي جي توثيق ڪئي هن وقت به جڏهن ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ سنڌ جي صورتحال جيڪا اڳ بهتر هئي اها به خراب ٿي رهي آهي تڏهن به وفاقي حڪومت اڃان تائين صورتحال کي ڏسي رهي آهي ۽ لاڪڊائون جو فيصلو ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي آهي، جيڪڏهن هن صورتحال کي هاڻي ئي قابو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته پوءِ حالتون هٿن مان نڪري به سگهن ٿيون. سنڌ اڳ ۾ به اها تجويز ڏئي چڪي آهي ته ضروري سامان جي ترسيل کانسواءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي وڃي جيئن ڪورونا تيزي سان نه ڦهلجي سگهي پر وفاقي حڪومت ان تي به عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته وفاق سنڌ کان سواءِ باقي صوبن ۾ فوج موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت ٻه ڏينهن اڳ ئي باقاعده وفاقي حڪومت کي خط لکي سول انتظاميا جي مدد لاءِ فوج موڪلڻ جي درخواست ڪري چڪي آهي پر پوءِ به وفاقي حڪومت رڳو ٽن صوبن ۾ فوج موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جيڪا ڳالهه حيران ڪندڙ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي.خبر ناهي ڇو وفاقي حڪومت درست ۽ وقتائتا فيصلا نه پئي ڪري سگهي . هينئر سان ئي آڪسيجن مهيا ڪندڙ ڪمپنيون به سئلينڊرن جي کوٽ يا انهن جي اگهن ۾ واڌ جون شڪايتون ڪري رهيون آهن انهي مسئلي کي هن ئي وقت حل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گهرجي خدانخواسته جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي ۽ ان وقت انهي بحران ڪر کنيو ته ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو،ڇاڪاڻ ته اسان وٽ نه عام ماڻهو ايس او پيز تي عمل ٿا ڪن،نه ئي حڪومت لاڪڊائون وارو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي شهرن ۾ اها ئي رش نظر اچي رهي آهي ۽ اڪثر ماڻهو بنا ماسڪ جي گهمندي ڦرندي نظر اچن ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته آڪسيجن جي فراهمي ۾ جيڪي به مسئلا هن وقت سامهون اچي رهيا آهن انهن کي اوليت جي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ تڪڙو تحرڪ ورتو وڃي جيئن ڏکئي وقت ۾ ڪنهن به پريشاني کي سولائي سان منهن ڏئي سگهجي، تنهن ڪري صنعتي شعبي کي آڪسيجن جي فراهمي روڪي اسپتالن کي اوليت ڏيڻ گهرجي سئلينڊرن جي کوٽ جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ۽ انهن جي اگهن ۾ آيل واڌ تي ضابطو آندو وڃي. ڇو ته قيادت جو ڪم ئي اهو هوندو آهي ته خطرو ڏسي بحران کي ٽارڻ وارا فيصلا عمل ڪري جيئن عوام ۽ انتظاميا کي ڪا پريشاني نه ٿئي.