اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني واري يس ۾ ضرورت پئي ته مان پاڻ دليل ڏيندس، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ وقت سپريم ڪورٽ ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي، صحافي وفاقي وزير کان سوال پڇيو ته درخواستگذار جج اوهان مٿان الزام لڳايو آهي ته توهان اسلام ۽ قانون جي توهين ڪئي آهي جنهن تي وفاقي وزير چيو ته اهو غلط آهي ان تي ڪجهه نه چوندس، ڇا اوهان پاڻ نظرثاني واري ڪيس ۾ دليل ڏيندا واري سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته ضرورت پئي ته پاڻ دليل ڏيندس، درخواستگذار جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي اهو غلط آهي، دليل ڏيڻ لاءِ استعيفا ڏيڻ جي ضرورت ناهي، هن وقت سرڪاري وڪيل دليل ڏئي رهيا آهن.