لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪوڙن ڪيسن سان خدمت جا نشان نٿا ڊاهي سگهجن. شهباز شريف جي لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته 10 سال ڪٿي به ناانصافي جو ٻڌي پهچي ويندڙ کي نيٺ انصاف ملي ويو، شهباز شريف کي جڏهن به گرفتار ڪيو ويو ته هن جو ڏوهه سدائين نواز شريف سان وفا نڪتي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز وڌيڪ چيو ته جنهن کي شهباز شريف جو مقابلو ڪرڻو آهي، اهو خدمت ۾ ڪري، ڪوڙن ڪيسن سان خدمت جا نشان نٿا ڊاهي سگهجن. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز چيو ته نوازشريف، شهبازشريف ۽ نواز ليگ ڪارڪردگي، واعدن جي تڪميل، احتساب ۽ ايمانداري جي هر امتحان ۾ ڪامياب ٿي، نوازشريف ۽ شهبازشريف جي قيادت ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو مشن جاري رکنداسين.