اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي دوران جسٽس مقبول باقر طرفان وفاقي حڪومت جي وڪيل کي روڪڻ واري مامري تي جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس سجاد علي شاهه وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن سبب جسٽس مقبول باقر ٻڌڻي اڌ ۾ ڇڏي اٿي هليو ويو، جڏهن ته بينچ جي سربراهه هڪ جج جي اٿي وڃڻ سبب ٻڌڻي ۾ 10 منٽن جو وقفو ڪيو، تفصيل موجب نظرثاني درخواستن تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ ٻڌڻي ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان دليل ڏيندي چيو ته هڪ جج جي مٿان الزام لڳڻ جو مطلب پوري عدالت مٿان الزام لڳڻ برابر آهي، ايف بي آر کي ڊيڊ لائين ڏيڻ جو مقصد جلد فيصلو ڪرڻ هو، سرينا عيسيٰ جي مامري تي لاڳاپيل فورم ايف بي آر هو، هن عدالت ڪيس ايف بي آر کي موڪلڻ کان پهريان مڪمل طور سرينا عيسيٰ کي ٻڌو، ان خلاف ڪو به حڪم جاري نه ڪيو ويو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ايف بي آر جو مامرو منهنجي گهرواري ۽ اداري جي وچ ۾ آهي، حڪومت صرف ڪيس لٽڪائڻ چاهي ٿي، حڪومت چاهي ٿي ته جسٽس منظور ملڪ جي رٽائرمينٽ تائين ڪيس لٽڪايو وڃي، ان دوران جسٽس مقبول باقر رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪيو، جسٽس منيب اختر چيو ته هتي ڪا ريس لڳل ناهي، مان سرڪاري وڪيل کان سوال پڇڻ چاهيان ٿو، جسٽس مقبول باقر کيس جواب ڏيندي چيو ته اوهان منهنجي ڪيل ڳالهه ۾ مداخلت نه ڪريو، هڪ سينيئر جج جي ڳالهه ۾ مداخلت ڪرڻ جو طريقو اهو ناهي جيڪو توهان اپنايو آهي، هن ڪيس کي سڄي دنيا ڏسي رهي آهي، اسان کي عدالتي وقار جو به خيال رکڻو پوندو، ان دوران جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان ڪنهن کي به دليل ڏيڻ کان روڪي نه ٿا سگهو، سرڪاري وڪيل لاءِ وقت مقرر ڪريو يا ان کي پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيو، بار بار ان کي ٽوڪيندا رهندئو ته مان ٻڌڻي اڌ ۾ ڇڏي اٿي هليو ويندس، جنهن تي جسٽس مقبول باقر جواب ڏيندي چيو ته هي ٻڌڻي ڪنهن جي ڌونس سان هلڻ نه ڏيندس، هي ٻڌڻي اڌ ۾ ڇڏي اٿي مان به وڃي سگهان ٿو، جنهن تي حڪومتي وڪيل عامر رحمان چيو ته صورتحال خراب ٿي چڪي آهي بهتر ٿيندو ته ڪجهه وقت لاءِ وقفو ڪيو وڃي، جسٽس مقبول باقر چيو ته 10 منٽ جي وقفي سان ڇا ٿيندو، جنهن بعد جسٽس مقبول باقر ڪاوڙ مان اٿي هليو ويو، جسٽس عمر عطا بنديال ججن جي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ 10 منٽن جو وقفو ڪريو، وقفي کان پوءِ ٻڌڻي جيئن شروع ٿي ته جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جڏهن اوهان روزي جي حالت ۾ پاڻي نه پي سگهو ته اوهان کي گهرجي ته ساهه کي تازه دم ڪرڻ لاءِ تازي هوا جهوٽو وٺڻ گهرجي، وقفي دوران اسان به تازي هوا جو جهوٽو وٺڻ وياسين، سرڪاري وڪيل جسٽس مقبول باقر کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي ڪا ڳالهه اوهان کي بري لڳي آهي ته مان ان لاءِ معافي وٺان ٿو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس مقبول باقر هن بينچ جي ڊارلنگ آهي، ڪوشش ڪيو ته اوهان پنهنجا دليل جمعي تائين مڪمل ڪري ڇڏيو،جسٽس مقبول باقر چيو ته مون کي ڪا به ڳالهه بري ناهي لڳي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته وقت محدود هئڻ جو مقصد اهو ناهي ته ڪنهن جو موقف نه ٻڌنداسين، ٻڌڻي دوران ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪو به جذباتي نه ٿئي، هي ڪيس سپريم ڪورٽ لاءِ حساس ترين ڪيس آهي، ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جسٽس منظور ملڪ کيس چيو ته مهرباني ڪري اوهان پنهنجي جاءِ تي ويهي رهو بار بار مداخلت نه ڪريو، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي اڄ جمعي ڏينهن ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.