بون (م ڊ) جرمني جي ڳجهي اداري بي ايف وي جي سربراهه ٿوماس هالڊن وانگ ملڪ کي ساڄي ڌر جي انتهاپسندي کي ملڪ لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو آهي، سندس چوڻ آهي ته ملڪ ۾ اهي سرگرميون ايتريون وڌي چڪيون آهن جيتريون سرد جنگ جي زماني ۾ هيون، روس جا جرمني ۾ منجهيل انٽيليجنس مفاد آهن، روسي طريقا وڌيڪ ظالماڻا ٿيندا پيا وڃن، ساڄي ڌر جي وڌندڙ شدت پسندي هڪ ڀيرو وري جمهوريت ۽ سيڪيورٽي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي رهي آهي دهشتگرد نيٽ ورڪ کان علاوه گروپس ۽ سياسي پارٽيون به انتهائي ساڄي ڌر جي سوچ رکن ٿيون.