ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ويجهو جھل مگسي ۾ برساتي نالن تي پليون نه هجڻ سبب رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، ان ڏس ۾ ڪالهه ڪوٽڙا ۾ برساتي نالي مٿان پل نه ھجڻ سبب ماڻھن پاڻي مان جنازو گذاري قبرستان پھچايو ، گذريل ڏينهن پيل برساتن بعد بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، اڳوڻي گورنر بلوچستان ذوالفقار مگسي جو تڪ جھل مگسي جديد دور ۾ به مڙني بنيادي سهولتن کان محروم آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پل نه ھجڻ ڪري سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، دانهڻ باوجود ڪير به نوٽيس وٺڻ لاِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته برساتي نالي مٿان پل تعمير ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.