نيويارڪ(دلچسپ نيوز) جانورن جا وار چوري ڪري آکيرو ٺاهيندڙ پکي هٿ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي الي نوائي يونيورسٽي جي سائنسدانن انوکو پکي هٿ ڪيو آهي ٽٽ مائوس نالي پکي جانورن جا وارچوري ڪرڻ ۾ ماهر قرار ڏنو ويو آهي. ماهرن پکي جون ڪيتريون ئي وڊيوز ٺاهي ان تي تحقيق شروع ڪئي، پکي کي ٻڪرين، رڍن، مينهن، ڪتن، ٻلين جا وارچوري ڪندي ڏٺوويو آهي. ماهرن موجب اهو پکي وڏي چالاڪي سان انهن جانورن تي اچي ويهندو آهي ۽ پوءِ آساني سان جانورن جا وار چوري ٽوڙي کڻي ويندو آهي ۽ انهن سان پنهنجو آکيرو ٺاهيندو آهي.