ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران رانديگرن جي سليڪشن لاءِ جوڙيل نئين پاليسي کي نظرانداز ڪري ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائڻ کانسواءِ ئي سنڌ جي انڊر19 ڪرڪيٽ ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن سان حقدار رانديگرن سان ناانصافي ٿي آهي. ان باري ۾ معلوم ٿيو آهي ته پي سي بي ڪرڪيٽرن جي سليڪشن لاءِ پاليسي جوڙي هئي ته ضلعي سطح تي ٽيمون جوڙي انهن جا ٽورنامينٽ ڪرائي پوءِ صوبائي سطح تي ٽيمن جي چونڊ ڪئي ويندي جنهن لاءِ انڊر 19 ۽ سينئر ٽيمن جا ٽرائل به ڪيا ويا هئا. ٽرائل بعد سينئر ضلعي ٽيمن جو ته اعلان ڪيو ويو ۽ انهن جون ڪجهه ميچون به ٿيون پر انڊر19 ٽيمن جو اعلان ئي نه ڪيو ويو آهي ان جي باوجود سنڌ جي انڊر 19 ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ڪري حقدار رانديگرن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي. ان باري ۾ ناليواري صحافي ۽ ڪرڪيٽر مجاهد سولنگي پنهنجي يوٽيوب چينل اسپورٽس وڌ مجاهد سولنگي تي رپورٽ ۾ چيو ته پي سي بي جو اهو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي پهرين ريجنل ڪرڪيٽ آندي وئي ۽ هاڻ ان کي ڊسٽرڪٽ تائين پکيڙيو ويو آهي، پر ان ۾ به رانديگرن سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. ڊسٽرڪٽ ٽيمن کي ريجنل بڻايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ضلعي جي ٽيم ۾ ٻئي ضلعي جا رانديگر شامل آهن. هن چيو ته پي سي بي انڊر 19 جو ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ ڪرائڻ کانسواءِ ئي سنڌ جي ٽيم جو اعلان ڪيو آهي خبر ناهي ته ڪٿان رانديگر چونڊيا ويا آهن جنهن سان حقدار رانديگرن سان ناانصافي ٿي آهي. پي سي جي انتظاميا جواب ڏئي ته جن رانديگرن سان ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ڪيئن ٿيندو.