لنڊن(دلچسپ نيوز) باربي ڊول به ڪورونا خلاف ميدان تي اچي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٻارڙن جي مشهور رانديڪي باربي ڊول جو نئون ايڊيشن متعارف ڪرايو ويو آهي اهو ايڊيشن ايسٽرازينيڪا ويڪسين تيارڪندڙپروفيسرڊيم سارا گلبرٽ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو. ڊاڪٽر سارا سان گڏ 5 ٻين عورتن جهڙيون باربي ڊول تيارڪيون ويون آهن ان حوالي سان ڪمپني جو موقف آهي ته باربي ڊول تيار ڪرڻ جو مقصد ڪورونا خلاف مهم هلائڻ ۽ ان ۾ سرگرم رهندڙ عورتن کي همٿائڻ آهي. ترجمان موجب ڪورونا خلاف وڙهندي سمورن فرنٽ لائن ورڪرن زبردست قربانيون ڏنيون آهن، باربي ڊول انهن جون ڪهاڻيون سڀني آڏو آڻي رهي آهي. ٻئي طرف پروفيسر ڊيم سارا گلبرٽ جو چوڻ آهي ته پنهنجي شڪل جهڙي گڏي ڏسي حيرت به ٿي ۽ خوشي به ٿي آهي. هن چيو ته اهڙيون گڏيون سائنس ۾ ڪيريئر بڻائيندڙنينگرين کي هٿي ڏينديون.