جاتي (ن پ ا) جاتي لڳ ڳوٺ ڳنڊي مان اغوا ڄاڻايل رضيا ملاح جي نابين ماءُ خيران ملاح ۽ والد محمد ملاح احتجاج ڪندي الزام هنيو ته بااثر خيرمحمد ۽ سندس پٽ غلام حسين ڇريجو، سليمان ڇريجو ۽ ٻيا اسان جي 14 سالن جي نياڻي رضيا کي گهران اغوا ڪري ويا آهن. اسان کي شڪ آهي ڄاڻايل بااثرن اسان جي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سجاول کي اپيل ڪئي ته سندن نياڻي جي واپسيءَ لاءِ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.