حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ وڪيلن جي سوسائٽي لاءِ چالان ٺاهي نه ڏيڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر ۽ لينڊ يوٽلائيزيشن کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي کين 16 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سوسائٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز حسين تنيو توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ سندس موقف آهي ته لاڳاپيل عدالت بورڊ آف روينيو کي سوسائٽي جو نئون چالان اشو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر عملدارن اڃا تائين کين نه ئي نئون چالان اشو ڪيو آهي ۽ نه ئي وري عملدار عدالت ۾ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ تيار آهن ان لاءِ استدعا آهي ته عدالتي حڪم نه مڃڻ تي عملدارن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد بورڊ آف روينيو جي ميمبر ۽ ميمبر (ايليو) لينڊ يوٽلائيزيشن کي نوٽيس جاري ڪندي کين 16 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. گڏوگڏ عدالت بورڊ آف روينيو جي ميمبر کي حڪم ڏنو ته جيڪڏهن هن پنهنجو جواب داخل نه ڪرايو ته کيس عدالت ۾ ذاتي حيثيت طور پيش ٿيڻو پوندو.