حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حسين آباد ۾ حددخلين خلاف هلندڙ آپريشن هفتي لاءِ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. حسين آباد جي رهواسين حاجي بشير ۽ ٻين پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ هنن موقف اختيار ڪيو ته گذريل 50 سالن کان هو ڄاڻايل علائقي ۾ رهائش پذير آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد ٻن ڏينهن کان سندن علائقي ۾ قائم 40 کان وڌيڪ گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري سخت گرمي ۾ سندن معصوم ٻار ۽ عورتون کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن. جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسرٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڄاڻايل زمين علائقي واسين بلديا کان ليز تي ورتي هئي جنهن جي لکت به وٽن موجود آهي جڏهن ته گهر ڊاهڻ کان پهرين انتظاميا پاران گهر ڌڻين کي متبادل رهائش فراهم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر کين گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس به نه موڪليو ويو آهي. عدالت ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو کي طلب ڪيو. جنهن پهچي چيو ته گذريل ٻڌڻي دوران عدالت حسين آباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد آپريشن شروع ڪيو آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته سرڪاري زمين تي قبضو ڪري گهر ٺاهڻ غيرقانوني عمل آهي ان ڪري ڪارروائي کي نٿا روڪي سگهون. درخواست گذارن ۽ وڪيل اپيل ڪئي ته 15 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي ته جيئن گھرڀاتي متبادل هنڌ منتقل ڪري سامان ٻاهر ڪڍي سگهون. عدالت ڊي سي کي حڪم ڏنو ته ڄاڻايل علائقي ۾ هڪ هفتي لاءِ حددخلين خلاف آپريشن روڪيو وڃي ته جيئن اتي گهر ٺاهي ويٺل سمورا ماڻهو ٻي هنڌ منتقل ٿي سگهن.