تنگواڻي ۾ اغوا ٿيل نينگر جُنيد بکراڻي 2 هفتا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيو

0
185
تنگواڻي ۾ اغوا ٿيل نينگر

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ اغوا ٿيل نينگر جُنيد بکراڻي 2 هفتا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيو، ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي نينگر جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

پوليس کي نينگر جي بازيابي توڙي امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو آھي اڳواڻن چيو آهي ته نينگر جُنيد بکراڻي جي گهر ۾ قيامت صغريٰ برپا ٿيل آهي

پوليس بازيابي لاءِ عملي قدم کڻن بدران ڪوڙا آسرا ڏئي رهي آهي، جُنيد بکراڻي کي فوري بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي