تنگواڻي: مقتول عثمان ملڪ جي وارثن وڏي وزير جي قافلي کي روڪي ورتو

0
404

تنگواڻي(ن پ ا) مقتول نوجوان عثمان ملڪ جي وارثن پاران وڏي وزير مراد علي شاهه جي مگسي اسٽاپ وٽ احتجاج دوران رستا روڪ ڪئي وئي، جڏهن تگ وڏي وزير جي اسڪواڊپاران مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوششَ پڻ ڪئي، ان دوران وڏو وزير گاڏي جو شيشو لاهي مظاهرين جون ڳالهيون ٻڌيون، وڏي وزير جي خاطري ۽ صوبائي وزير شبير بجاراڻي، مڪيش چاولا ۽ ٻين جي منٿن بعد وڏي وزير مراد علي شاهه جي گاڏي کي وڃڻ ڏنو ويو، وڏي وزير پاران ڳالهين دوران مقتول جي پٽ فاروق ملڪ، حبيب الله ملڪ، جيئو ملڪ کي ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کي گهرائي جلد قاتل گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.