تلهار(ن پ ا) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ،تلهار ۾ بجلي گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ امدادي رقم مان غير قانوني ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪيو ويو. راجا خواجا، شاهنواز سيال اسلم سمون، شريف سمون، راجا ٿيٻو ۽ ٻين  ڪارڪنن جو مغل شادي هال کان بدين حيدرآباد شاهراھ تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب حيدرآباد بدين شاهراھ تي ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي ريلي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي هٿرادو شھر ٻوڙي هزارين غريب ماڻھن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي ۽ سنڌ جنهن سبب  لا قانيونيت جو راڄ آھي جڏھن ت  ٻوڏ متاثرن خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي ايف آئي آر ٿين ٿيون اسان مطالبو ٿا ڪريون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف ۽ اعلي عملدارن کان ت  سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري تلهار م  بجلي گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري امدادي  وظيفو کڻنڌڙ متاثرين جي پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري صاف شفاف انڪوائري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.