ڳاڙھو (ن پ ا)  يونين ڪائونسل گرنار جي مرڪزي ڪاروباري شهر اداسي ۾ والدين شهرين معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين جو پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف انوکو احتجاج، ٻارڙن ڪتاب هٿ ۾ کڻي روڊ تي پڙهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، معصوم ٻارڙن سميت اسڪول جي استاد شهرين ۽ والدين پڻ وڏي انگ شرڪت ڪئي. انھيء موقعي پرائمري اسڪول جي استاد عبدالعزیز دل چيو ته شهر جي آسپاس ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن جا اسڪول بند آهن والدين مجبور ٿي پنهنجا معصوم ٻارڙا ٻه ٽي ڪلو ميٽر پري شهر جي هلندڙ اسڪول ۾ سٺي تعليم لاءِ موڪلين ٿا؛ هن وقت اسڪول جي انرولمينٽ لڳ ڀڳ 200 جي لڳ ڀڳ آهي، جن کي آئون هڪڙو ئي استاد ڪيئن ٿو پڙهائي سگهان. هن وڌيڪ چيو ته مون ۽ والدين بار بار ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ وارن کي اهڙيون شڪايتون ڪيون آهن پر هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏين ٿا. ٻئي پاسي اسڪول ۾ داخل شاگردن جي والدين چيو ته اسان جي ڳوٺن جون اسڪولون سفارشي آفيسرن هٿ وٺي بند ڪرائي ڇڏيون آهن. هنن وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول اداسي تي استادن جي کوٽ کي ختم ڪري ٻارڙن کي معياري تعليم لاء گهربل سهولتون ڏنيون وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.