ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ تعليمي سڌارن بابت درخواست تي  سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب الدين کي 19 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت سنڌ سرڪار کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته اسان کي تفصيلي رپورٽ کان آگاهه ڪيو وڃي ته اسڪولن تي ڪيترا پيسا خرچ  ڪيا ويا آهن؟ ڪالهه تعليمي سڌارن بابت هيلپ لائن تنظيم پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن تي پئسا ڇو نه پيا لڳايا وڃن ؟ پنجن سالن دوران تعليمي ادارن تي اربين رپيا لڳايا ويا پر اهي ڪٿي نظر ڇو نه ٿا اچن؟ ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سرڪاري اسڪولن جاشاگرد بغير بجلي جي اسڪولن ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن جنهن تي عدالت چيو ته اسڪولن ۾ ڪا به سهولت فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ڇا تعليمي ادارن جو حال اهڙو هوندو آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ٻارن کي اسڪولن ۾ پاڻي به فراهم نه ڪيو ويندو آهي، خبر ناهي ته تعليم کاتي کي پيسو ملندو ناهي يا مليل پيسو تعليم تي لڳايو ئي ناهي ويندو، سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ قبضو يا ته وري اسڪولن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار پاران تعليم کي هٿي ڏيڻ جي دعويٰ  ته ڪئي وئي پر اداري۾ بهتري نه آئي آهي، درخواستگذار نديم شيخ وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن حڪومتي پاليسي تحت 36 هزار اسڪولن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو منصوبو هو پر حڪومت پنهنجي ئي پاليسي تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ان موقعي تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت کي اپگريڊيشن لاءِ 45 هزار نوان روم ٺاهڻا آهن. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ايجوڪيشن فار آل 2014ع کان 2018ع جي منصوبي تي به عملدرآمد نه ٿيو.