رپڙي (ن پ ا ) ضلعي خيرپور ۾ ڦرلٽ، چورين ۽ ڌاڙن جي وڌندڙ وارداتن تي ضابطو  نه آڻڻ خلاف بهارو جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن وحيد سنڌي. بشير سروهي، تسليم پنهور، عبدالرشيد جاگيراڻي، امجد شاھ، صفدر شاهه، نديم ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي بهارو شهر جو گشت ڪري مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ  بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ضلعو خيرپور ميرس ڌاڙن. ڦرن ۽ چورين جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ضلعي خيرپور مان ڏوهاري راڄ  جو خاتمو آڻي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃيئ