چارسدا (م ڊ) نواز ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته جهانگير ترين گروپ سان نواز ليگ جو واسطو ناهي، رين ڄاڻي حڪومت ڄاڻي، جيل ڀوڳي رهيا آهيون، ڇا اِها ڊيل آهي؟ نواز شريف، مريم نواز، حمزه شهباز شريف سميت سڀ جيل ڀوڳي چڪا آهيون، چارسدا ۾ اي اين پي جي اڳوڻي صوبائي وزير بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي اسڪينڊلز ۾ رنگ روڊ اسڪينڊل جو اضافو ٿيو آهي، بي آر ٽي پشاور ۾ 126 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي. هن چيو ته حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، بيروزگاري وڌي وئي آهي ۽ عام ماڻهو جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. شهباز شريف چيو ته بي احتياطي سبب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تباهي مچائي، ڪورونا ويڪسين جو حڪومت انتظام نه ڪيو، اها ويڪسين به خيرات ۾ ملي، ڪورونا ويڪسينيشن جي معاملي ۾ بنگلاديش کان به پوئتي آهيون. هن چيو ته ڪجهه خدا جو خوف ڪيو، توهان ٽن سالن کان چور چور ڪندي ملڪ کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي، اين آر او نه ڏيڻ جو گوڙ ڪري رهيا آهيون، توهان کان اين آر او وٺي ڪير ٿو؟