لاهور: جهانگير ترين گروپ جي ميمبر عبدالحئي دستي چيو آهي ته عثمان بزدار سان اسان سڀني جي ملاقات ٿي آهي، وزيراعليٰ پنجاب اسان جا مسئلا ٻڌا ۽ حڪم جاري ڪيا، نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عثمان بزدار وزيراعليٰ آهي ان سان ملاقات ڪري غلطي ته ناهي ڪئي. هن چيو ته پنجاب ۾ به ۽ وفاق ۾ به بجيٽ جي حمايت ڪنداسين. هن چيو ته جهانگير ترين واضح چئي چڪو آهي ته عمران خان سان گڏ آهيان ۽ رهندس، جهانگير ترين جي بيان بعد بحث ختم ٿيڻ گهرجي.