اسلام آباد/ سکر (رپورٽ: ايم بي سومرو ۽ ممتاز بخاري) ارسا پاران ملڪي دريائي وهڪرن ۾ انتهائي لاٿ جي حوالي سان ڪالهه رات جو سنڌ ۽ پنجاب جي آبپاشي سيڪريٽرين انهن هڪ ليٽر فيڪس ڪري آگاهي ڏني وئي آهي. ليٽر ۾ رڳو هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو رکندڙ تربيلا ڊيم جي ڊيڊ ليول تي اچڻ جو انديشو پڻ ڄاڻايو ويو آهي، صوبائي آبپاشي کاتن جي سيڪريٽرين کي موڪليل خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪي دريائي وهڪرن ۾ 18800 ڪيوسڪ لاٿ آئي آهي، رم اسٽيشنن وٽ پاڻي وهڪرا 171800 مان گهٽجي 153000 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن، ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته اسڪردو وٽ گرمي پد نارمل کان به گهٽ هجڻ ڪري لاٿ جو اهو عمل جاري رهندو، ان ڪري پاڻي جي شديد ترين کوٽ ٿيندي. ليٽر ۾ ڏنل انگن اکرن موجب گذريل ڏهن سالن جي ڀيٽ ۾ هن وقت سنڌو درياءُ ۾ پاڻي کوٽ 19 ، ڪابل ۾ 38، جهلم ۾ 9 ۽ چناب ۾ 38 سيڪڙو مجموعي طور تي 24 سيڪڙو آهي. ارسا موجب 24 مئي تي پاڻي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته رهيل آڳاٽي خريف ۾ کوٽ 17 سيڪڙو هوندي پر تازي صوتحال ۾ اها اندازي کان وڌي وئي آهي، ليٽر موجب ارسا ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيندڙ پاڻي کوٽ جو اندازو 48 ڪلاڪن بعد ڏيڻ جو ڄاڻايو آهي، ليٽر ۾ صوبن کي نئين صورتحال ۾ پنهنجا ڪانٽيجنسي پلان ٺاهڻ ۽ موجوده ميسر پاڻي کي بهتر نموني سان استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي هوڏانهن ارسا ذريعن موجب آڳاٽي خريف ۾ مجموعي کوٽ 24 سيڪڙو ٻڌايل آهي، جڏهن ته لاسز 30 سيڪڙو ڄاڻايل آهن، موجوده صورتحال ۾ سنڌ ۾ اها کوٽ وڌي 50 کان 60 سيڪڙو تائين پهچڻ جا امڪان آهن. انهي کان اڳ ارسا ترجمان خالد راڻا هڪ بيان ۾ چيو هو ته تربيلا ڊيم ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران ڊيڊ ليول تي پهچڻ وارو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صوبن کي سندن حصي مان گهٽ پاڻي ملندو، جنهن جو اڳ ڪاٿو 17 سيڪڙو کوٽ وارو لڳايو ويو هو، ان ڪري صوبا پنهنجو متبادل پلان تيار ڪن.هوڏانهن سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 34.1، ڪوٽڙي بئراج وٽ 51 ۽ گڊو بئراج وٽ 39.5 سيڪڙو کوٽ آھي،

حيدرآباد (رپورٽ : امتياز کوسو) ارسا پاران 3 صوبن جي مخالفت باوجود پنجاب کي ٽي پي لنڪ ڪئنال وهائڻ جي اجازت ڏيڻ واري معاملي تي پاڻي مامرن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ ارسا اجلاس ۾ چيئرمين پاران سنڌ ميمبر سان ڪيل بدسلوڪي جو ذڪرڪندي ڄاڻايو ويو ته اجلاس ۾ اعتراض ڪرڻ ۽ قانون ٻڌائڻ تي ارسا چيئرمين سنڌ جي نمائندي زاهد جوڻيجو تي ڏمرجي کيس ڪتاب منهن تي اڇلائي هنيو، جيڪو عمل تشدد جي ذمري ۾ اچي ٿو. خط موجب ارسا ٽن صوبن جي مخالفت باوجود ٽي پي لنڪ ڪئنال وهائي سنڌ سان پاڻي معاملي ۾ ٿيندڙ ناانصافي کي پاڻ ئي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، خط ۾ نواب يوسف ٽالپر چيو ته ارسا سڀني صوبن جي رضامندي سان وجود ۾ آيل آهي، انهي کي ٺاهڻ جو مقصد 1991ع ج ٺاهه مطابق پاڻي جي چئني صوبن ۾ منصفاڻي ورڇ جو ڪم سرانجام ڏيڻ آهي. هن وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو ته ارسا چيئرمين پاران سنڌ جي نمائندي سان ٿيل زيادتي جي انڪوائري ڪرائي کيس عهدي تان هٽايو وڃي.