اسلام آباد (م ڊ) ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف ٽيڪس ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ لاءِ چئي رهيو آهي، غريب ماڻهن تي وڌيڪ بار وجهڻ جي گنجائش ناهي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آهيون، پر نڪرڻ نٿا چاهيون، جنهن وقت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيو ان وقت اسان وٽ ٻي ڪا چوائس نه هئي، هن چيو ته غريب ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪس نٿا لڳائي سگهون نه ئي بجلي مهانگي ڪري سگهون ٿا، ٽيڪس وڌائڻ ٺيڪ ناهي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائينداسين. هن چيو ته زراعت تي ڪيترن ئي سالن کان ڌيان ناهي ڏنو ويو، شوڪت ترين چيو ته معاشي تسلسل لاءِ روز پاليسي تبديل نٿي ڪري سگهجي، مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي، ٽف ٽائيم ڏيڻو آهي ته ڏيو، جيڪڏهن معيشت ۾ بهتري ايندي ته اپوزيشن ٽف ٽائيم نه ڏيندي.