واشنگٽن(دلچسپ نيوز) بک ۾ پاهه ٿيل رڇ گهر ۾ داخل ٿي پکين جو داڻو کائي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن ۾ بک جو ستايل هڪ رڇ گهر ۾ گهڙي آيو، بکايل رڇ گهر ۾ پکين لاءِ ڇڏيل داڻو کائي چٽ ڪري نڪري ويو، گهرجي مالڪ عورت کيس ڀڄائڻ بدران بک ۾ ورتل رڇ جي وڊيو ڀري ورتي ۽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪري ڇڏي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صارفين پاران دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.