نصيرآباد (ن پ ا) جمعيت علماءِ اسلام ۽ آباد گار فورم وارھ ۽ نصيرآباد جي اڳواڻن مولوي محمد صديق مڱڻيجو، قاري حنيف ڇٽو، مفتي عبدالحليم ڇٽو، خان محمد نصيرآباد ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پاڻي نه ملڻ ڪري اسان جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن ۽ پاڻي کوٽ ھجڻ ڪري ڳوٺن جا جر سڪي ويا آھن ماڻھو مري ٿو ان جي غسل لاءِ به پاڻي اڻلڀ آھي. ھنن چيو ته پاڻي کوٽ جي ذميوار موجوده سنڌ سرڪار آھي، جنھن قمبر شھداد ڪوٽ ۾ ڪرپٽ ڪامورا مقرر ڪيا آھن، جيڪي رائيس ڪئنال کان ويندي ننڍين وڏين شاخن جو پاڻي بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن. ھنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب ڏڪار جو خدشو آھي، ست محرم تي ڊي سي قمبر شھداد ڪوٽ پاران ڌرڻي ۾ ڪيل واعدو به پورو نه ڪيو ۽ پاڻي نه ڏنو. ھنن چيو ته ھاڻي ته ساريالي فصل جي پوکي جو مدو پورو ٿي ويو آھي، ھاڻي اسان کي ڪڻڪ جي پوکي لاءِ پاڻي ڏيو. اڳواڻن اعلان ڪندي چيو ته اڄ ڇنڇر ڏينھن 9بجي صبح جو سوين آبادگار نصيرآباد ڊگري ڪاليج ڀرسان رڪاوٽون وجھي تاريخي ڌرڻو ھڻندا، پاڻي نه ملڻ تائين جاري رهندو.