ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان سٽي ٿاڻي جي پوليس ريلوي سرڪاري ڪوارٽر وٽ ڪچي شراب جي هلندڙ بٺي تي ڇاپو هڻي 3 منشيات فروشن غلام علي نوناري، اعجاز پٺاڻ ۽ امتياز سوهو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ، پوليس موجب جوابدارن خلاف سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، ڪچي شراب ۾ استعمال ايندڙ گيلن ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي .