بڊاڻي واسي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ نڪتل پيدل مارچ کي پوليس روڪي ورتو

0
156

بڊاڻي واسي ٽن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ نڪتل پيدل مارچ کي پوليس روڪي ورتو، ايس ايڇ او جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي

سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران معصوم نينگرن جئي ديپ ڪمار، آديش ڪمار ۽ مکي جگديش ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ بڊاڻي کان ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ جي آفيس تائين پيدل مارچ شروع ڪيو ويو

 ايس ايڇ او بخشاپور ۽ ايس ايڇ او مياڻي لانگ مارچ کي روڪي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون

بخشاپور پوليس پاران ٽن ڏينهن اندر مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطريءَ تي پيدل مارچ ختم ڪيو ويو، مغوين جي بازيابيءَ لاءِ بي ايس فيڊر پل وٽ لڳايل ڌرڻو به ختم ڪيو ويو

هي به پڙهندا

شڪارپور ۾ امن بحال نه ٿيو، رستم ٿاڻي جي حد مان وڌيڪ 2 ڄڻا مبينا اغوا