ميرپوربٺورو(ن پ ا) ميرپور بٺوري ويجهو گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان زخمي، وارثن پوليس موبائل جي ٽڪر ۾ نوجوان زخمي ٿيڻ جو الزام هڻندي، احتجاج طور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. گذريل رات دير سان ميرپور بٺورو- دڙو روڊ تي سم نالي ويجهو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل نوجوان مير ڦل سخت زخمي ٿي پيو، ٽڪر هڻندڙ گاڏي جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، زخمي نوجوان روڊ تي تڙپندو رهيو. بعد ۾ اطلاع تي نوجوان کي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو. زخمي نوجوان جي وارثن پوليس موبائل جي ٽڪر ۾ نوجوان زخمي ٿيڻ جو الزام هڻندي دڙو بٺورو روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.