حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ريجن جي پوليس عملي کي 7 جون تائين ڪورونا جي ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ريجن ڊاڪٽر جميل احمد حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد رينج جي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي هڪ ليٽر جاري ڪري ڄاڻايو آهي ته آءِ جي سنڌ پوليس حڪم ڏنو آهي ته پوليس عملي کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ ويڪسين ڪرائي وڃي جنهن تحت 50 سيڪڙو عملي کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين جو پهريون ڊوز 31 مئي تائين ۽ 100 سيڪڙو عملي کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين جو پهريون ڊوز 7 جون تائين لڳرايو وڃي. هن هدايت ڪئي آهي ته اهڙي رپورٽ کيس پهرين جون ۽ 8 جون تائين اماڻي ته جيئن آءِ جي سنڌ کي ويڪسين جي حوالي سان آگاهي ڏني وڃي.