ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان پل جي سهولت نه هجڻ ڪري لاش گوني ڪئنال مان گذاري قبرستان تائين پهچايو ويو. ان ڏس ۾ يونين ڪائونسل قبول پور جي ڳوٺ حاجي غلام حسين لغاري ۾ فوت ٿي ويل عورت جو لاش کي قبرستان تائين پهچائڻ لاء گوني ڪئنال مان ٻيڙي ذريعي گذاري قبرستان تائين پهچايو ويو، انهي سلسلي ۾ مقامي رهواسين نور احمد لغاري، اشرف لغاري، رياض لغاري، شبير لغاري، ۽ ٻين ٻڌايو ته هن جديد دور ۾ به تڪ جي چونڊيل نمائندن پاران کين پل سميت ڪابه بنيادي سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي، هنن ٻڌايو ته لاش کي قبرستان تائين کڻي وڃڻ لاء گوني ڪئنال مان گذارڻ پوي ٿو جنهن سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون ، هنن مطالبو ڪيو ته کين پل جي سهولت ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.