اسلام آباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ 40 ارب جو اضافو ڪري 400 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ناڻي وزير چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ ڪيش ٽرانسفر جي شرح ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ۽ بجيٽ کي 360 ارب کان وڌائي 400 ارب رپيا ڪيو ويو، اهو پهرين جنوري 2023ع کان لاڳو ٿي چڪو آهي، حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ ان مد ۾ 450 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مالي سال 2023-24ع ۾ 93 لک خاندانن کي 8750 رپيا في ٽه ماهي حساب سان بينظير ڪفالت ڪيش ٽرانسفر سهولت ميسر هوندي،  جنهن لاءِ 346 ارب مختص ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ايندڙ سال وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو، بينظير تعليمي وظيفو پروگرام جو دائرو 60 لک ٻارن کان وڌائي 83 لک ڪيو ويندو، جن ۾ 52 سيڪڙو انگ نياڻين جو آهي، ان لاءِ 55 ارب مختص ڪيا ويا آهن، 92هزار شاگردن کي بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالر شپ ڏني ويندي جنهن لاءِ 6 ارب مختص ڪيا ويا آهن، بينظير نشونما پروگرام مان فائدو کڻندڙ ٻارن جو انگ وڌائي 15 لک ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ 32 ارب رکيا ويا آهن.