اسلام آباد: يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ 35 ارب  رکيا ويا آهن، يوٽيلٽي اسٽورن تي مستحق ماڻهن کي اٽو، چانور، کنڊ، دال ۽ گيهه تي سبسڊي ڏني ويندي، ناڻي وزير چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اٽي جي مفت تقسيم ڪئي وئي ان کانسواءِ وفاقي حڪومت پاران يوٽيلٽي ڪارپوريشن ذريعي عوام کي سستيون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ 26 ارب جي سبسڊي ڏني وئي آهي.