بهرام (ن پ ا)ڳوٺ گل محمد چچو جي  رهواسين عبدالحميد کوسو، خميسو کوسو، اقبال خاتون، صنم کوسو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ چوٿين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو. ان موقعي تي پورهيت شاهنواز کوسي جو والد عبدالحميد کوسو ۽ خميسو کوسو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ايس ايچ او بهرام غلام مصطفي’ سومرو، اي ايس آءِ صفر ويسر پورهيت شاهنواز کوسو کي بي گناھ گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي ايس پي ميروخان علي بخش ڍڪڻ ۽ طارق کوسو مظاهرين سان ٽن ڪلاڪن جي ڳالهين بعد ان شرط تي ته پوليس ۽ وارثن طرفان  ڳڏجي ڳولاء ڪندا هڪ هفتي جي مهلت تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.هوڏانهن ناليوارو قانوندان بئريسٽر اختر جبار شيخ، انعام سنڌي ،پاڪستان فتح پارٽي اڳواڻ سجاد چانڊيو،سوشل ورڪر علي محمد کوسو سميت همدري طور ڌرڻي ۾ شامل ٿي حمايت جي يقين ڌياني ڪرائي.