چونڊڪو (ن پ ا) سوراهه ٿاڻي جي حد  چونڊڪو شهر ۾  پ پ پ ايم اين اي پيرسيد فضل علي شاهه جيلاني (پيرآف راڻي پور) جي ڀائٽي پيرسيد مٺا شاهه جيلاني  پاران ايس ايچ او سوراهه خليل مسڻ خلاف سوشل ميڊيا تي رکيل پوسٽ جنهن ۾ لکيل آهي ته آءِ جي سنڌ، آرپي او سکر، ڊي آءِ جي سکر کي گذارش آهي ته نااهل ۽ راشي ايس ايچ او خليل مسڻ کي معطل ۽ رورٽ ڪيو وڃي، هن علائقي جي پرامن عوام جو سڪون برباد ڪيو آهي اها پوسٽ شيئر ڪرڻ دڪاندار نازڪ چنو کي ايس ايچ او مبينا طور گم کنڀي گم ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پورهيت نازڪ چنو جي ڀاءُ امير علي چنو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي ڀاءُ نازڪ چنو جو گناهه اهو آهي ته هن ايس ايڇ او سوراهه خلاف پ پ پ ايم اين اي جي ڀائٽي پاران رکيل پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تان ايس ايچ او سوراهه پوليس کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي خدشو آهي ته پوليس کيس قتل نه ڪري ڇڏي يا ڪو جڙتو ڪيس نه داخل ڪري ڇڏي. اسين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪيون ته هن مسئلي جو نوٽيس وٺي منهنجي ڀاءُ جي زندگي بچائي وڃي.