بلوچستان جو عوام سڀاڻي ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو: جان اچڪزئي

0
50
بلوچستان جو عوام سڀاڻي ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو: جان اچڪزئي
بلوچستان جو عوام سڀاڻي ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو: جان اچڪزئي

سڌ سماءَ واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته بلوچستان جو عوام سڀاڻي ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو، عوام دهشتگردن جا سمورا ڪڌا ارادا ڌوڙ ڪري ڇڏيندو

سڌ سماءَ واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي بلوچستان ۾ ٿيل ڌماڪن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عوام کي خبر آهي ته دهشتگردي ڪير ڪري رهيو آهي، اڳ به چيو هو ته دهشتگردن کي ڪجهه مقامي سهولتڪارن جي حمايت حاصل آهي

هن چيو ته  آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه جاري رهندي، سڀاڻي چونڊون ٿينديون ۽ بلوچستان جو عوام هر صورت ۾ ٻاهر نڪرندو، دشمنن جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏينداسين

هي به پڙهندا

اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ 2ڌماڪا، 27 ڄڻا مارجي ويا، 40کان وڌيڪ زخمي