بدين/ماتلي (نمائندن وٽان) ڊپٽي ڪمشنر آغا شاھنواز پاران شھر جو اوچتو دورو ايس او پي جي خلاف ورزي تي 5 دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ پڻ لڳايو ويو، ان موقعي تي ڊي سي شھرين کي هدايت ڪئي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻي طرف ماتلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس ساڻ ڪري شهر جو دورو ڪري کليل دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي 2 دڪانن کي سيل ڪيو ويو.