حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٻهراڙي تعلقي جي مختيارڪار باءِ پاس تي ڪارروائي ڪري هڪ هوٽل کي اڻڄاتل مدي تائين سيل ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته باءِ پاس تي هوٽل کليل هئي جتي ايس او پيز جو به خيال نه پئي رکيو ويو. مختيارڪار ٻهراڙي فهيم منگي جي قيادت ۾ روينيو عملي جي ٽيم ڪارروائي ڪري هوٽل کي اڻڄايل مدي تائين سيل ڪري ڇڏيو. مختيارڪار جو چوڻ آهي ته کين اطلاع مليو هو ته سرڪاري پابندي جي باوجود هوٽل کليل آهي جتي ماڻهو پهچي کاڌو پيتو واپرائين ٿا ۽ ايس او پيز جو به خيال نه پيو رکيو وڃي جنهن ڪري هوٽل کي سيل ڪيو ويو آهي.