بدين (رپورٽر)  شادي لارج جي رهواسين گل حسن لنڊ، نورحسن لنڊ،ناروڀيل، جليل لنڊ، اقبال لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻين احتجاج مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  فراڊي ٽولو ۽ سندن ساٿارين اسان مختلف برادري جي بيروزگارن نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين جو آسرو ڏئي 15 لک رپين کان وڌيڪ رقم جو فراڊ ڪيو آهي،  ھنن الزام ھڻندي چيو  ته بدين جو فراڊي ٽولو چونڊيل ايم پي ايز، ايم اين از  جا ويجھا ماڻھون سڏرائي ماڻهن  کان نوڪرين جي بھاني پئسا وٺي فراڊ ڪن ٿا، نوٽيس وٺي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.