تهران(م ڊ)ايران جي شهر اصفهان جي هڪ آئل فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ پندرهن ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ايراني سرڪاري  خابرو اداري موجوب باهه لڳڻ کانپوءِ ڪيميڪل نڪرڻ جي ڪري پندرهن ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. صوبائي گورنر ٻڌايو ته خطرناڪ باهه انجڻ آئل فيڪٽري ۾ لڳي جتي ڪيميڪل ڀريل هو. فائر فائٽرز باهه تي ضابطو آڻي ورتو جڏهن ته هن وقت تائين باهه جو ڪارڻ خبر نه پئجي سگهي هئي.