بدتميزي ۾ عليزي شاهه جو ڪو مقابلو ناهي: زرنش خان

0
240
بدتميزي ۾ عليزي شاهه جو ڪو مقابلو ناهي: زرنش خان
بدتميزي ۾ عليزي شاهه جو ڪو مقابلو ناهي: زرنش خان

ڪراچي(شوبز نيوز) شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا زرنش خان به عليزي شاهه کي بدتميزي ۾ 100 سيڪڙو مارڪون ڏئي ڇڏيون

 تفصيل موجب اداڪارا زرنش خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي وجاهت رئوف کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ساٿي اداڪارا عليزي شاهه بابت کلي ڳالهايو

هڪ سوال جو جواب ڏيندي زرنش خان چيو ته جيڪڏهن عليزي شاهه سان بدتميزي ۾ ڪنهنجو به مقابلو ڪرايو وڃي پر کٽيندي وري به عليزي شاهه ئي هن چيو ته عليزي شاهه کي بدتميزي ۾ 100 مان 100 مارڪون ڏجن ته به گهٽ آهن، واضح رهي ته ان کان اڳ هدايتڪار ياسر نواز به عليزي شاهه کي بدتميز اداڪارا قرار ڏئي چڪو آهي