ناديه جميل جو والد ناليوارو شاعر جليل جميل لاڏاڻو ڪري ويو

0
246
ناديه جميل جو والد ناليوارو شاعر جليل جميل لاڏاڻو ڪري ويو
ناديه جميل جو والد ناليوارو شاعر جليل جميل لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(شوبز نيوز) ملڪ جي سينئر اداڪارا ناديه جميل جو والد ۽ ناليوارو شاعر، اديب ۽ فلسفي جليل جميل لاڏاڻو ڪري ويو

 اداڪارا ناديه جميل سوشل ميڊيا تي والد سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪندي تصديق ڪئي آهي ته سندس والد رات دير سان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جليل جميل ڪجهه عرصي کان بيماري سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل هو جتي رات دير سان سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو

 ناديه جميل والد کي پنهنجو بهترين دوست، استاد، سرپرست قرار ڏنو، سندس چوڻ آهي ته والد مزاح سان ڀرپور شخصيت ۽ ٿڌي طبيعت رکندڙ انسان هو اڄ هو هڪ سٺي رهنما کان محروم ٿي وئي آهي

 ناديه جميل جي والد جي لاڏاڻي تي ساٿي اداڪارن، دوستن ۽ مداحن ساڻس ڏک جو اظهار ڪيو آهي