بخشاپور ۾ پوليس جي چڙھائي، ڳوٺاڻي کي کنڀڻ جي ڪوشش، ڪپڙا ليڙون ليڙون

0
235

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ۾ مياڻي پوليس جو ڪارنامو، ڳوٺ بيربل ڀٽو ۾ گهر تي چڙهائي دوران ڳوٺاڻي اسماعيل ڀٽو کي کنڀڻ جِي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي همراهه جا ڪپڙا ليڙون ٿي ويا، اهلڪار ڪپڙن کان آجي شخص کي گهليندا رهيا.

 ٽائيم نيوز پوليس ڪارروائي جي وڊيو هٿ ڪري ورتي، ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته پوليس گهر تي ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد بعد اسماعيل کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جتوئي-ڀٽا جهيڙي ڪيس جَي جوابدار کي گرفتار ڪيو ته گهر ڀاتين مزاحمت ڪري کيس ڇڏائي ورتو