ڪرڪيٽ سيريز ملتوي: نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جو اهم بيان سامهون اچي ويو

0
842

ڪراچي(م ڊ) ڪيوي ٽيم طرفان پاڪستاني دورو هڪ طرفو ملتوي ڪرڻ کانپوءِ نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن جو اهم بيان سامهون اچي ويو آهي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، نيوزيلينڊ ٽيم جي سار سنڀال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن چيو آهي ته سيريز نه هجڻ تي سڀني کي ڪيترو افسوس آهي ان ڳالهه جو اندازو آهي، پر رانديگرن جي حفاظت لاءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪيان ٿي، اسان جي رانديگرن جو تحفظ سڀني کان اهم آهي.

واضح رهي ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي پاڪستان جو دورو اوچتو هڪ طرفو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.