ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 374 نوان ڪيس ظاهر، 4مريض حياتي وڃائي ويٺا، 163 مريضن ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي. بختاور ڀٽو زرداري به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي وئي، بختاور ڀٽو زرداري پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تصديق ڪندي چيو آهي ته سندس ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد هن پاڻ کي گھر اندر آئسوليشن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 5915 مريضن جو علاج هلندڙ آهي جن مان 5596 مريض گھرن ۾، 10 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 309 مريض اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 282 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 35 مريض وينٽيليٽر تي آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ 224، حيدرآباد ۾ 14، ٽنڊومحمد خان ۾ 10، ٽنڊوالهيار ۾ 8، قمبر ۽ سجاول ضلعن ۾ 7_7، ٺٽي ۽ مٽياري ۾ 6_6 ڪيس سامهون آيا آهن. بدين، ڄامشورو، ميرپورخاص ۽ شڪارپور ضلعن ۾ 5_5، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ 4_4، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ 33 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. سکر، دادو، گھوٽڪي ۽ نوابشاھ ضلعن ۾ 2_2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.