واشنگٽن (دلچسپ نيوز) يوٽيوبر انوکو ڪارنامو ڏيکاريندي 2 ڏينهن زندهه دفن ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي يوٽيوبر جمي ڊونلڊسن ٻيهرڇرڪائيندڙ وڊيو ٺاهي ورتي آهي. مسٽر بيسٽ طورمشهوريوٽيوبرپاڻ کي زندهه دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دوستن کيس هڪ تابوت ۾ وجهي هٿرادو قبر ۾ دفنائي ڇڏيو، لاڳيتو 50 ڪلاڪ قبر ۾ رهڻ بعد جمي ڊونلڊسن ٻاهر نڪتو ته سندس زبردست آجيان ڪئي وئي. دوستن سندس 50 ڪلاڪ قبر ۾ رهڻ جي وڊيو پڻ ٺاهي ورتي جيڪا سوشل ميڊيا تي رکي وئي.وڊيوسوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد5 ڪروڙماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ کيس زبردست موٽ ملي رهي آهي.