ڪراچي(نمائندن وٽان) بحريا ٽائون انتظاميا جي زيادتين خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان بحريا ٽائون جي انتظاميا پاران ڪراچي ۾ قديمي ڳوٺ ڊاهي زمين تي قبضي ڪوشش خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جا حڪمران ڌارين سان گڏجي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهن جڏهن ته موٽروي ڪراچي جي ٻنھي پاسن حڪمران جاگيردار مافيا ڪميشن عيوض سنڌ جون زمينون روينيو ڊپارٽمينٽ اندر ڪرپشن ڪري ڀڳڙن مٺ بلڊر مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن. هنن چيو ته بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي جي انتظاميا طرفان سنڌ جي قديم ڳوٺن، تاريخي قبرستانن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال ڪندڙ برساتي نالن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. بحريه ٽائون سميت بااثر بلڊرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران خان غفار خان، ڪمال جنبلات، سجاد گاڏهي، سميع ڪاڪيپوٽو، مدثر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف نوشهروفيروز ۾ ڪراچي ۾ بحريا ٽائون عملي پاران سنڌي وسندين تي چڙھايون ڪري ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ خلاف جساف ۽ آگاھي اسٽڊي سرڪل پاران نور راڄپر ايڊووڪيٽ، فلڪ شير مجيداڻو ۽ شھباز مستوئي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. هوڏانهن نصيرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي پاران احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف مدئجي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ظهيرجوڻيجو، امان الله ڀٽو، راشد جوڻيجو، سڪندر لاشاري، منير ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هوڏانهن دوڙ ۾ بحريا ٽائون جي آڙ ۾ ڪراچي جي قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ واري سازشن خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.ٻئي طرف کورواهه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪامريد يوسف لاشاري، حاجي لاشاري، دودو لاشاري مبارڪ سمون شيراز مير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن شاهپورجهانيان ۾ جسقم پاران سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ نعريبازي ڪئي وئي. ٻئي طرف ٺاروشاهه ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ماسٽر چندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.