سوشل ميڊيا تي سي ايس ايس 2020ع ۾ امتحان ۾ پاس ٿيندڙن جي جتي ساراهه ڪئي پئي وڃي اتي وري سوال پڻ اٿاريا پيا وڃن، مطالبو ڪيو ويو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي پاس ٿيل اميدوارن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪيا وڃن. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي آھن سي ايس ايس 2020 جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ سنڌ جا باشندا؟ حانيه صبين منھاس، ارسلان چوڌري،ڪامران احمد ديوِ، محمد اسدالله گُوندل، اويس احمد برار، مخدوم ملڪ سردار اشرف، راجا عبدالسلام خان السخي، رانا ضياءُ الرحمان.حيرت آهي مونکي ھن رزلٽ اچڻ کان پھريان خبر نه هئي ته مِنھاس، چوڌري، گُوندل، مخدوم ملڪ ۽ السخي به سنڌ جا اصلوڪا قبيلا ۽ ذاتيون آهن جن کي ھاڻ حق ملڻ شروع ٿيا آھن ۽ اھي سنڌ جي ڊوميسائيل تي پاس ٿي سنڌ جي ڪوٽا حاصل ڪرڻ لڳا آھن. اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کي اڃان سِڱ ٿيندا ڇا..؟ اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي راجا انصاري لکيو ته اهڙي ڳالهه ڪير نه سمجهندو، سڀني کي بس تنقيد ڪرڻ ايندي آهي، عبدالعليم ڀٽي لکيو ته وقت ضايع نه ڪريو، فوري طور ايف پي ايس سي کي انهن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ لاءِ لکو، ممتاز ڪيريو ۽ آصف سيال لکيو ته سنڌين سان اهو وڏو ظلم آهي، محمد نواز لکيو ته سنڌ حڪومت ان جي ذميوار آهي. ايڊووڪيٽ عمير علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي پاس ٿيل اميدوارن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪيا وڃن، جنهن تي سچل وڌو لکيو ته ڪورٽ ۾ انهن کي چيلنج ڪرڻ گهرجي. سارنگ منير سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي تي انصاف ڪيو ، سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ تازو پاس ٿيل اميدوارن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪرايو، شهاب الدين سومرو لکيو ته منهنجي نظر ۾ اهي سڀ پنجاب جا آهن، مير حسن سومرو، راشد سومرو به ڊوميسائيل چيڪ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ مان سي ايس ايس پاس ڪندڙ سمورن نوجوانن کي مبارڪون ۽ عوام جي خدمت جي اميد پر ھيٺين نالن وارن جا ڊوميسائيل ٻيهر چڪاسيا وڃن، ڇو ته چانهن جو سڙيل کير به ڦوڪي ڦوڪي پيئندو آهي. جنهن تي فرخ ايوب مهر لکيو ته پهريان تصديق ڪريو، هن لسٽ کي پڙهو، منهنجي ڄاڻ موجب ته هن نشان (=) وارن جي ايلوڪيشن ناهي ٿي. سليم شيخ لکيو ته هتي هڪ ڏينهن سينيٽر ٿيڻ لاءِ سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ٿو وڃي، سي ايس ايس وارن کي ڪير روڪيندو؟ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم سنڌ مان هجڻ ضروري آهي. مجاهد حسين ڏيرو لکيو ته چوڌري به سنڌ ۾ سيٽلڊ ٿي ويا آهن، ڊوميسائيل جو قانون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جو مستقل ايڊريس تبديل ڪرڻ جو قانون ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ گهرجي انهن کي سزا ڏيارڻ گهرجي ٻيو ڪو دڳ ناهي، سڀاڻي ڪير به لاهور جو بٽ لاڙڪاڻي ۾ پلاٽ وٺي ته اهو سڃاڻپ ڪارڊ تي ايڊريس تبديل ڪرائيندو، پوءِ ڊوميسائل ٺهرائيندو. نجم جتوئي لکيو ته اهي ته پنجابي آهن، قاسم ڪيهر لکيو ته ڊوميسائل ٻيهر چيڪ ڪرڻ گهرجن، انجنيئر منظور مشتاق لکيو ته 3 پنجاب جا لڳن ٿا، انيس باقي بلوچ لکيو ته جعلي ڊوميسائيل…سائين سانگھڙ، بدين ، ٺٽو ڪراچي، اھڙا سنڌ جا ضلعا آھن، جن ۾ تمام گھڻي پنجابي ڪميونٽي رھي ٿي، مون سان گڏ ڪافي يونيورسٽي ۾ انھن ضلعن جا رھواسي پڙھيا آھن، جيڪي رنڌاوا، جٽ، چوڌري اسان انهن جي ڳوٺ به وياسين، جتي انھن جا وڏا وڏا ديرا ھئا، ھزارين ايڪڙ زمينون به ھيون، ٿي سگھي ٿو انھن ضلعن جي رهواسين پنجاب ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ نوجوانن سي ايس ايس ڪئي ھجي، ڇو ته جعلي ڊوميسائيل جي ڪري انھن تي آڱر کڄي رھي آھي، بحرحال وري به صاف ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گھرجي، ته ڊوميسائيل جعلي آھي يا صحيح؟جمال ناصر لکيو ته ڊوميسائل ٻيهر چيڪ ڪرڻ گهرجي.