اسلام آباد (م ڊ) معاشي تجزئي نگار محمد سهيل چيو آهي ته وفاقي بجيٽ معاشي گروٿ جي رخ تي ته شايد پوري لهدي هجي پر پائيدار معاشي ترقي لاءِ 7-8 سالن تائين لاڳيتو گروٿ ۽ ملڪ ۾ امن استحڪام هجڻ ضروري آهي پر جيڪڏهن حڪومت جي گذريل ٻن بجيٽن کي ڏسجي ته هي بجيٽ ٿوري مختلف نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ترقياتي پروگرام تي فوڪس ڪيو ويو آهي، اسان ڏٺو آهي ته ملڪ ۾ جڏهن به ترقياتي ڪم ٿيندا آهن ته ڊي جي پي گروٿ وڌندي آهي، ڪافي جاين تي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز کي گهٽايو ويو آهي، مجموعي طور نئين سال جي بجيٽ گذريل بجيٽن کان بهتر آهي، معيشت ۾ جيڪو اعتماد وڌي رهيو آهي، ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته آءِ ايم ايف جو رد عمل ڇا ٿو اچي، اهو اهم آهي، ٻيو عالمي سطح تي جيڪي قيمتون وڌي رهيون آهن، اهي مهانگائي پيدا ڪنديون، تنهنڪري معاشي گروٿ واري بجيٽ ته لڳي ٿي پر پائيدار معاشي ترقي واري بجيٽ چوڻ وقت کان اڳ هوندو. معاشي تجزئي نگار خرم شهزاد چيو آهي ته کاڌ خوراڪ جي شيون جون قيمتون وڌي رهيون آهن، واپاري خسارو وڌڻ شروع ٿي ويو آهي، تيل 70 ڊالرز کان وڌي ويو آهي، گذريل سال 30 تي هو. هن چيو ته اسانجو جيڪو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس آهي، اهو خساري ۾ وڃي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ اسانجي امپروٽ وڌڻ لڳي آهي، هن چيوته بجيٽ ۾ سٺي شئي اها آهي ته ٽيڪسز کي گهٽايو ويو آهي، جنهن سان سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن سيڙپڪاري آئي ته 4.8 جي ڊي پي گروٿ ٿوري وڌي به سگهي ٿي. هن چيو حڪومت لاءِ وڏو چيلنج اهو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڪيئن ٿي وڙهي؟ حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟ ذيشان مرچنٽ چيو ته هن بجيٽ ۾ هڪ روڊ ميپ ۽ ڊائريڪشن نظر اچي رهي آهي، لڳي ٿو ته حڪومتي ۽ ايف بي آر جي مشينري ٽيڪس وصولي تي سنجيده سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، 12 ود هولڊنگ ٽيڪس کي ختم ڪيو ويو آهي، ان جو ڪجهه بهتر نتيجو نڪرندو.