اسلام آباد: 9 ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جي لاڳت واري ايم ايل ون رٿا لاءِ رڳو 6 ارب مختص ڪيا ويا، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ايم ايل ون منصوبو نواز ليگ 2017ع ۾ ڏنو، 1111 ارب رپين جي لاڳت واري رٿا لاءِ حڪومت رڳو 6 ارب رکيا آهن، ايتري رقم رکڻ سان ته منصوبو 186 سالن ۾ به مڪمل نه ٿي سگهندو، ترقياتي بجيٽ ۾ حڪومت جي غيرسنجيدگي ظاهر ٿي رهي آهي، احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي کي بلڊوز ڪيو آهي، ڪيترائي تڪراري بل بحث ۽ اتفاق راءِ جي آمراڻي انداز ۾ پاس ڪرايا ويا آهن، ان تي اسانجو احتجاج آهي، هن چيو ته بجيٽ جا تفصيل اڳ ئي ميڊيا ذريعي ملي ويا هئا، گذريل سال وانگر هن بجيٽ ۾ به حقيقتون لڪايون ويون آهن، گذريل ٽن سالن کان پگهارن ۾ اضافو نه ٿيو هو، حڪومت هن ڀيري به رڳو 10 سيڪڙو پگهارون وڌائي ملازمن سان مذاق ڪيو آهي، هن مهانگائي جي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو پگهارون وڌائڻ گهرجن ها، هن چيو ته پورهيتن جي 20 هزار اجرت ڪرڻ تي حڪومت عمل ڪري سگهندي يا نه؟ اهو اڳتي ڏٺو ويندو، ڇا حڪومت پڪ ڏئي سگهي ٿي ته بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪندي؟ هي بجيٽ ناهي، اصل بجيٽ ته مني بجيٽ ذريعي ايندي، هن چيو ته دفاعي بجيٽ گذريل 1290 ارب هئي، هن ڀيري 1370 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته دنيا جو هڪ اهڙو ملڪ ٻڌايو جتي بجيٽ کان 6 هفتا اڳ ناڻي وزير ۽ 3 هفتا اڳ ناڻي سيڪريٽري کي تبديل ڪيو ويندو هجي، ناڻي وزير شوڪت ترين بجيٽ ۾ پاڪستان کي جنت نظير پيش ڪري رهيو هو، معيشت جو ٻيڙو ٻڏل هو، اوچتو ڪيئن ترقي ٿي وئي؟.