باڊهه (رپورٽ: عبدالوحيد ڳاهو) باڊھ ٽائون ڪاميٽي باڊھ جي 14 وارڊن مان 7 وارڊن تي جي ڊي اي ۽ 6 وارڊن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا ۽ هڪ وارڊ تي جي يو آءِ کي مليو. ٽائون ڪاميٽي چيئرمين لاءِ جي ڊي اي وارن جي پوزيشن مضبوط آهي ۽ پيپلزپارٽي ٽائون ڪاميٽي تي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش تيز ڪري ڇڏي آهي. چيئرمين لاءِ جي ڊي اي طرفان بدرالدين ساريو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ گلزار گوپانگ جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي طرفان چيئرمين لاءِ سڪندر بروهي ۽ وائيس چيئرمين لاءِ امداد سيال ڪو نالو فائنل ڪيو ويو آهي.